عبدالمجيد نائچ

عبدالمجيد نائچ

عبدالمجيد نائچ

عبدالمجيد نائچ: نامور ليکڪ، محقق ۽ ڪامورو عبدالمجيد ولد محمد اسحاق نائچ پهرين جنوري 1963ع تي ڳوٺ ٻيلي نائچ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. ڳوٺ مان ابتدائي تعليم وٺي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلي مان 1978ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. ڊگري ڪاليج گهوٽڪيءَ مان انٽر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم. اي ڪيائين. 1993ع کان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ تحقيقي مضمون لکندو رهيو آهي. مومل رائٽرس فورم، ميرپور ماٿيلي جو صدر پڻ آهي. هن وقت وفاق ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. هيءُ ريڊيو پاڪستان اسلام آباد جي نيوز شعبي ۾ سنڌي ٽرانسليشن شعبي جو انچارج پڻ آهي. عبدالمجيد نائچ، جئپور (ڀارت) مان هڪ مهيني جو تربيتي ڪورس به ڪيو آهي. سندس ٻه ڪتاب: (1) راءِ گهراڻي جي تاريخ ۽ (2) علم جي اهميت ۽ لکڻ جو ڏانءُ ڇپيل آهن. هن وقت چچ گهراڻي بابت تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. ملازمت سبب اسلام آباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ عبدالمجيد نائچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.01.01  عيسوي

نامور ليکڪ، محقق ۽ ڪامورو عبدالمجيد ولد محمد اسحاق نائچ پهرين جنوري 1963ع تي ڳوٺ ٻيلي نائچ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خان محمد بروهي 2
عزيز قاسماڻي
پاٽائي شيخ جندالله
عابده گهانگهرو ڊاڪٽر
استاد سينڌو خان
شاهه حسين بخاري جو مقبرو
پاٽولي استاد عاشق حسين
دائود بلوچ
سيد تقي شاهه حنفي
سڪندر آفتاب خضر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون